حمزو بن عبدالمطلب رضه

حمزو بن عبدالمطلب رضه: اسلام جو سپهه سالار حضرت حمزه رضه حضرت عبدالمطلب جو فرزند ۽ رسول اڪرمصه جن جو چاچو هو. سندن ڪنيت ابو عمار هئي. حضرت حمزو رسول ڪريم جن کان صرف ٻه سال وڏو هو. سندس والده هاله بنت وهب هئي، جيڪا حضورصه جن جي والده بيبي آمنه رضي الله عنها جي سڳي سؤٽ هئي. حضرت حمزيرضه جي طبيعت مهم جو ۽ ڏکين ڪمن کي سر انجام ڏيڻ طرف مائل هئي. حضرت عبدالمطلب جي رحلت وقت سندس عمر ڏهه سال هئي، جنهنڪري سندن تعليم ۽ تربيت ناناڻن ۾ ٿي. عرب ۾ ان وقت شاعريءَ ۽ انساب جو علم ئي تعليم جي زمري ۾ ايندو هو. جنگي مهارت، گهوڙي سواري ۽ شڪار وغيره معزز فنن ۾ شمار ٿيندا هئا. حضرت حمزي کي شاعريءَ سان لڳاءُ هو. تمام دلير ۽ جنگجو هو. اڪثر جنگين دوران گهوڙيسواري، نيزي بازي، تلوار بازي ۽ تير اندازيءَ جي مشق ڪندو هو. هجرت وقت پاڻ سڳورن صه سان حضرت حمزورضه به گڏ هو. هجرت کان فوراً پوءِ پاڻ سڳورن صحابين جي هڪ جماعت کي ڪافرن جي مقابلي لاءِ موڪليو ۽ ان لشڪر جو سپهه سالار حضرت حمزو رضه هو، جنهن کي پاڻ سڳورن جهنڊو عطا ڪيو. ٻي هجريءَ ۾ جڏهن بدر جي جنگ جي آغاز ۾ قريش سردار عتبه، سندس ڀاءُ شيبه ۽ سندس پٽ وليد ميدان ۾ نڪتا ۽ پاڻ سڳورنصه سندن مقابلي ۾ ڪجهه انصاري اصحاب موڪليا، پر عتبه چوڻ لڳو ته اسين صرف قريش جي ماڻهن سان ئي مقابلو ڪنداسين. اهو ٻڌي حضور صلي الله عليه وسلم جن حضرت حمزي رضه، حضرت علي ابن ابي طالب رضه ۽ حضرت ابو عبيده کي موڪليو. حضرت حمزي رضه عتبه بن ربيعه کي هڪ ئي وار ۾ قتل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن حضرت علي ڪرم الله وجھه ۽ ابو عبيده کي به فتح حاصل ٿي. عتبه بن ربيعه ابو سفيان جي زال هند جو پيءُ هو. اهو ٻڌي هند غمگين ٿي وئي ۽ پڪو ارادو ڪيائين ته پنهنجي پيءُ (عتبه بن ربيعه) جو بدلو ضرور وٺندي. اهو ارادو ڪرڻ کانپوءِ هن پنهنجي هڪ وڏي نيزي باز حبشي غلام کي حضرت حمزي رضه جي قتل لاءِ مقرر ڪيو ۽ اهو چيائين ته: ”اي حبشي غلام! نيزو حمزي جي ڪک ۾ هڻجان ته جيئن آءٌ حمزي رضه جو جگر ڪڍي کائي سگهان. ٽين هجريءَ ۾ احد جي جنگ ۾ حضرت حمزي رضه ڪيترن ئي ڪافرن کي قتل ڪيو. احد واري جنگ ۾ پاڻ وڙهي رهيو هو ته هند جي مقرر ڪيل حبشي غلام حضرت حمزي رضه کي اهڙو ته نيزو اڇلائي هنيو، جو اهو نيزو سندن جگر مان آرپار ٿي ويو ۽ سندن شهادت ٿي. هند پنهنجو ناپاڪ ارادو پورو ڪرڻ بعد پنهنجي پيءُ عتبه جي قبر تي وڃي چيو ته بابا ڏس! مون تنهنجي قاتل کان بدلو وٺي ڇڏيو ۽ کيس اذيت ناڪ موت ڏنو اٿم. حضرت حمزي رضه جي شهادت جي خبر جڏهن پاڻ سڳورن صه کي پئي تڏهن پاڻ سڳورا صه اشڪبار ٿي ويا ۽ حضرت حمزي رضه جي قتل جي بدلي وٺڻ جو قسم کنيو مگر وحيءَ ذريعي خدا جي طرفان منع ٿيڻ سبب اهڙو ارادو ترڪ ڪيائيون ۽ قسم جو ڪفارو ادا ڪيائيون. آخر ۾ قاتل حبشي غلام مسلمان ٿيو پر پاڻ ان کي پنهنجي سامهون اچڻ کان جهلي ڇڏيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو